Connect with us

Uncategorized

ڀارت رقم منتقل ڪرڻ جو الزام: نواز شريف نيب چيئرمين کي نوٽيس اماڻي ڇڏيو

Published

on

http://thetimesofpakistan.com/wp-content/uploads/2018/05/Court-Asks-Nawaz-sharif-If-He-Could-Defend-His-Position.mp4

اسلام آباد: خميس 24 مئي 2018ع: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ڀارت رقم منتقل ڪرڻ واري الزام تي نيب چيئرمين کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن نيب چيئرمين کي 14 ڏينهن اندر معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

رپورٽن مطابق اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پاران ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ بئريسٽر منور دوگل نوٽيس نيب چيئرمين کي اماڻيو. نواز شريف پاران موڪليل قانوني نوٽيس ۾ نيب چيئرمين جي الزامن کي چونڊن کان اڳ ڌانڌلي قرار ڏنو ويو آهي.

نوٽيس ۾ نواز شريف مطالبو ڪيو آهي ته نيب چيئرمين توهين آميز پريس رليز تي 14 ڏينهن اندر معافي وٺي ۽ هڪ ارب جو هرجاڻو ادا ڪري، ان کانسواءِ نيب چيئرمين جو معافي نامو انگريزي ۽ اردو اخبارن ۾ شايع ڪرايو وڃي.

قانوني نوٽيس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته معافي نه وٺڻ ۽ هرجاڻو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

Continue Reading
Click to comment

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © 2018. All Rights Reserved Daily Pakistan