Connect with us

Entertainment

اميد آهي ته هڪ ڏينهن ماڻهو پاڪستان ۽ ڀارت بابت سوال ڪرڻ ڇڏي ڏيندا: ماهره خان

Neque porro quisquam est, qui dolorem ipsum quia dolor sit amet, consectetur, adipisci velit, sed quia non numquam eius.

Published

on

نئين دهلي: خميس 24 مئي 2018ع: مشهور اداڪاره ماهره خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته هڪ ڏينهن ماڻهو ان کان پاڪستان ۽ ڀارت بابت سوال پڇڻ ڏيندا. ڀارتي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪ ڀارت پنهنجي رستي ۾ رنڊڪون هٽائي هڪ ڀيرو ٻيهر ويجهو اچي سگهن ٿا، پاڪستان جي فنڪار جي حيثيت سان اسان تي بالي ووڊ ۾ پابندي آهي، ان باوجود ٻنهي ملڪن سان تعلق رکندڙ فنڪار ٻاهرين ملڪن ۾ هڪٻئي سان ادب احترام ۽ پيار سان ملن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪيتريون ئي شيون هڪجهڙيون آهن، ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي زبان اٽڪل هڪجهڙي آهي، اسان جڏهن ڳالهه ڪريون ٿا ته زبان هڪ لڳي ٿي ۽ جڏهن اسان ٻاهرين ملڪن ۾ هڪٻئي سان ملون ٿا ته ان وقت احساس ٿئي ٿو ته اسان ۾ ڪو به فرق نه آهي، ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ڀارتي اداڪاره ايشوريا مون سان گهڻي پيار سان ملي ۽ اسان ٻنهي هڪٻئي جي ٻارڙن بابت پڇا ڪئي. ماهرا ٻنهي ملڪن جي گڏيل شين بابت ٻڌائيندو چيو ته اسان ۾ فلمن ۽ موسيقي جي ذريعي هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ گهرجي ڇو ته اسا جي زبان ۽ موسيقي اٽڪل ساڳي آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان آخرڪار ڀارت ۽ پاڪستان آهن، اميد ڪريان ٿي ته هڪ ڏينهن عوام مون کان پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ بابت سوال نه پڇندو

Continue Reading
Click to comment

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © 2018. All Rights Reserved Daily Pakistan